سنڌ سطح تي ٻيهر سرڪاري ملازم ۽ مزدور الائنس کي ٻيهر سرگرم ۽ فعال بنائڻ لاءِ ملازم تنظيم ۽ مزدورن کي گڏ ڪرڻ لاءِ رابطن جو فيصلو

September 25, 2017 at 10:24 pm

ڏوڪري (نمائندو) سنڌ سطح تي ٻيهر سرڪاري ملازم ۽ مزدور الائنس کي ٻيهر سرگرم ۽ فعال بنائڻ لاء ملازم تنظيم ۽ مزدورن کي گڏ ڪرڻ لاء رابطن جو فيصلو،ڪا به ملازم ۽ مزدور تنظيم اڪيلي سر ادارن ۽ ملازمن جو تحفظ ڪري نٿي سگهي،اهڙو اظھار آپڪا پاپوليشن سنڌ جي صدر پيرل دايو صحافين کي  پنهنجي بيان ۾ ٻڌائيندي چيو، آپڪا اڳواڻ سرڪاري ملازم ۽ مزدور ۽ ايماندار آفيسر عدم تحفظ جو شڪار آهن،هن وڌيڪ چيو ته ملازمن ۽ ڪنهن به آفيسر سان هاڻي ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين،ملازمن تنظيمن جو ڪنهن به سياسي يا مذھبي پارٽين سان تعلق نه آهي،هن وڌيڪ چيو ته ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم تنظيمون غير سياسي نج ملازمن جون تنظيمون آهن،ڪجه مفاد پرست ذاتي مفادن لاء تنظيمن کي سياسي پارٽين وٽ وڪرو پيا ڪن، جنهن جي ڪري ملازم اڳواڻ ادارن ۽ ملازمن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي چڪا آهن،هن وڌيڪ چيو ته ادارن ۾ سياسي مداخلتون عروجن تي آهن،ڪرپشن بدعنواني نا انصافين ڪري ادارا تباه پيا ٿين،هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن عروج تي آهي،ان کي روڪڻ وارو ڪير به ناهي،آپڪا اڳواڻ چيو ته سرڪاري نوڪريون ميرٽ بجاء سياسي بنيادن تي ورهائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي،ملازمن جي حق تي به ڌاڙا هڻڻ جو پروگرام بڻايو ويو آهي،سنڌ ۾ ٻٽو نظام بڻائي هڪڙن ادارن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو ويو آهي،ٻين ادارن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل کان محروم ڪيو ويو آهي،هن وڌيڪ چيو ته ارباب رحيم جي دور ۾ ڪرپشن بدعنواني،ناانصافين ۽ ادارن کي بچائڻ لاء آواز اٿاريو ته پيپلز پارٽي جو همدرد سمجهي جيل موڪليو ويو،۽ ھن وقت به ادارن جي تحفظ ملازمن جي حقن تحفظ ۽ نا انصافين ۽ ڪرپشن کي روڪڻ لاء آواز اٿارڻ تي موتمار  ۽ جيل موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن،هن وڌيڪ چيو ته ملازمن جي اعتماد کي ڌوڪو نه ڏينداسون،ملازمن جي حقن ۽ تحفظ لاء آخري دم تائين وڙھنداسون،آپڪا اڳواڻن ملازمن جي گريڊن کي اپ گريڊ ڪري ٽائيم اسڪيل ڏيڻ ۽ چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي عبدالمعيد سرهيو،قطب الدين راجپوت،عامر رضا کهڙو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هيا. 


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج