محرم الحرام جي ڀلاري مهيني ۾  کاڌي پيتي جون شين جا اگه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا،انتظاميه اگهور ننڊ ستل، عوام سخت پريشان

September 25, 2017 at 10:26 pm

ڏوڪري (نمائندو) ڏوڪري محرم الحرام جي ڀلاري مهيني ۾  کاڌي پيتي جون شين جا اگه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، غريب طبقو تمام پريشان،ضلعي انتظاميه مهانگائي جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جو مهانگائي خلاف ضلعي انتظاميه کان عام واهپي جون شين جي اگه وڌائڻ خلاف دوڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو،موهن جو دڙو ڀرپاسي جي ڳوٺن  ۾ محرم الحرام جي ڀلاري مهيني ۾ واپارين ۽ دوڪاندارن عام واهپي جي شين جا اگھ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي وڌائي ڇڏيا آهن، جڏھن ته بگي، ٻلهڙيجي، سامٽيا، ٽاٽڙي، جهتيال، وڪڙو، مانڊيون، ڪاراڻي سميت ۽ ٻين ڳوٺن ۾  واپارين ۽ دوڪاندارن هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ عام واهپي جي شين جا اگھ وڌائي ڇڏيا آهن عام ماڻهون خريد ۽ فروخت جي سگھ ئي وڃائي ويٺوآهي. ان سلسلي ۾ موهن جو دڙو جي ڳوٺاڻن استاد نبي بخش جوڻيجو،فقير محمد مٺل جهتيال،معشوق ٽاٽڙي،محمد ابراهيم جهتيال،شاهنواز جهتيال،اسد پيرزادو،عابد ٻگهيو،سعيد ٻگهيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته واپارين ۽ دوڪاندارن عام واهپي جي شين ۾ من پسند اضافو ڪري ڇڏيو آهي غريب مسڪين ماڻهون عام واهپي جي شين جي خريداري ڪرڻ لاءِ سخت پريشان آهي واپارين ۽ دوڪاندارن محرم الحرام جي ڀلاري مهيني ۾ به عوام جي کل لاهي ڇڏي آهي، دوڪاندار هٿرادو مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آه ته شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي،جيئن مسڪين غريب پورهيت به خريداري ڪري سگهن.هنن وڌيڪ چيو ته محرم الحرام جي ڀلاري مهيني ۾ کاڌي پيتي جون شيون جنهن ۾ صوف گولڊن 130 ڪلو،انگور 200 ڪلو،ڪريلا 80  ٽماٽو 200 ،پٽاٽا 40 ڪلو،ڀينڊي 80،بصر 100،واڱڻ 40،توري 40 ، ڪلو  سميت سڀ شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن ضلعي انتظاميه پاران ڪوبه نوٽس نه ورتو ويو آهي،هنن مطالبو ڪيو آهي ته وڌيڪ اگه وٺندڙن خلاف ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ اي سي ڏوڪري عبدالمجيد زهراڻي،مختيار ڪار انيس ٻرڙو قانوني قدم کڻي وڌيڪ اگه وٺندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. 


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج