چائنا جي زرعي سائنسدانن جو وفد رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ پهتو، جنسون چڪاسيون

September 25, 2017 at 10:27 pm

ڏوڪري (نمائندو) ڏوڪري ۾ رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ۾ چائنہا جو ايگريڪلچرل سائنسدانن جو وفد پھتو، جنھن ۾ ھلاء بريڊ ٻج جا چيني ماھر پڻ شامل ھئا جن ۾ مسٽر وانگ بريڊ، مسٽر لي پراجيڪٽ مئنيجر چائنا، ڊاڪ
ٽر محمد يوسف ڪوآرڊينيٽر آر اي آر سي اسلام آباد، ڊاڪٽر عصمت الله سينئر ڊائريڪٽر بلوچستان، ڊاڪٽر محمد صابر رائيس باٽنسٽ پنجاب، ڊائريڪٽر ڪريم بخش لغاري، احمد نواز نائچ، سراج الدین ابڙو، اختر حسین گاد ۽ٻين ٻين آبادگارن پڻ شرڪت ڪئي،وفد رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري في فيلڊ وزٽ ڪئي ۽ مختلف سارين جون جنسون چڪاسي ڏٺيون ۽ ريسرچ جي تعريف پڻ ڪئي، بعد ۾ انسٽيٽيوٽ ۾ ھلاء بريڊ ٻج جو تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو جتي چائنا جي سائنسدان مسٽر لي ڳالهائيندي چيو تہ اسان پاڪستان سان گڏ ايگريڪلچر ۾ سهڪار ڪندي ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪري رھيا آھيون،انهي موقعي تي آبادگارن ھاء بريڊ ٻج تي ڪيترائي خدشا ظاھر ڪيا، جنهن جي جواب ۾ مسٽر لي چيو تہ چائنا ھاء بريڊ ٻج کي وڌيڪ تحقيق ڪري عالمي مارڪيٽ جي قابل بڻائي رھيا آھيون.اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ايگريڪلچر کي ترقي ملي، هتان جون زميون زرخيز آهن ۽ آبادگار محنت ڪش آهن


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج