ادارن مٿان حملو ڪندڙن خلاف قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو،افراتفري ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين:شهباز شريف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينه جي اجلاس دوران ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي جي ڪردار کي آئين کان مٿانهون قرار ڏيندي چيو آهي ته عارف علوي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چينه جي معاملي تي آئين جو مذاق بنايو ملڪ کي انتشار طرف ڌڪو ڏيڻ لاءِ آئيني عهدن جو استعمال ڪيو ويو. […]
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي،مظاهرا، ڌرڻا، درياءَ تي دعائون

ڪراچي(م ڊ): سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي، سنڌو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهتي آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي، 1991 واري پاڻي معاهدي تحت مئي جي مهيني ۾ ڪوٽڙي بيراج وٽ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود هئڻ گهرجي هن وقت ڪوٽڙي بيراج ۾ رڳو 200 […]
پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو صوبن جي جائز حصي ۾ خلل وجهڻ آهي:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو اٿاري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي کوٽ سبب عوام، خاص طور تي آبادگار ڏک يائين جو شڪار آهن، پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو […]
ڪورونا جي نئين قسم جو جائزو وٺي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس جي امڪاني نئين لهر کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي نئين ويرينٽ جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ امڪاني ڪورونا وائرس جي […]
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي لائنن مان پاڻي جي چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ٻهراڙي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس اڄ صبح جو ان جي آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي لائنن مان پاڻي جي چوري ۾ ملوث عناصر جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ قانوني آپريشن […]
مونکي جلد کان جلد اورينج لائن روٽ تي بسون هلندڙ گهرجن:شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتن جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آءُ عبدالستار ايدهي (بي آر ٽي اورينج لائن) تي جلد کان جلد بسون هلندڙ ڏسڻ چاهيان ٿو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه منصوبي جو افتتاح ڪندا. ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا […]
شهيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج نئون ديرو ۾ ثقافتي تقريب منعقد

نئون ديرو(رپورٽر) نئون ديرو شهر جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج نئون ديرو ۾ 5 ڊسمبر تي اعلانيل “علم پرايو – سنڌ سنواريو” جي سري هيٺ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ 3 اڳوڻن ريجنل ڊائريڪٽرن لياقت گهانگهرو، مسعود ڪوريجو، شمن لال، ڪرم حسين وڌو، ناميارو اديب احسان دانش، رضوان گل، […]
سنڌ ۾ انگ 676، پنجاب ۾ 658، ڪي پي 221، بلوچستان 154 ڪيس، ملڪ ۾ انگ 1921 ٿي ويو

ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي اندر مجموعي انگ وڌي 676 ٿي ويو. ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 274، 94 تبليغي جماعت جي ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق بعد حيدرآباد ۾ مجموعي انگ 128 ٿي ويو، سکر ۾ 265، لاڙڪاڻي ۾ 7، جيڪب آباد […]
وفاقي ڪابينه ڪورونا رليف پيڪيج جي لاءِ ٻارنهن سئو ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (اڱارو 31 مارچ 2020ع) وفاقي ڪابينه ڪورونا ريليف پيڪيج جي لاءِ 1200 ارب روپين جي ريليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا وائرس سميت مختلف معاملا غور هيٺ آيا. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه ڪورونا ريليف پيڪيج جي لاءِ 1200 ارب […]
اميد آهي شهباز شريف پنهنجا اثاثن مان ڪجهه حصو وزيراعظم فنڊ ۾ ڏيندو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد: وزيراعظم جي سڌ سماءُ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اميد آهي ته شهباز شريف پنهنجا اثاثن مان ڪجهه حصو وزيراعظم فنڊ ۾ ڏيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف ڪورونا جي آڙ ۾ سياسي تنقيد شروع ڪري ڏني آهي، ائين ڪري هو پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ […]