آرڊيننس ذريعي حڪومت هلائي وئي ته مزاحمت ڪنداسين: خورشيد شاهه

December 10, 2018 at 5:38 am

اسلام آباد ( بيورو ) آرڊيننس ذريعي قانونسازي جي حڪومتي فيصلي تي پ پ رنڊڪ بڻجڻ جو اعلان ڪيو آهي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه هڪ بيان ۾ چيو ته پ پ آرڊيننس ذريعي حڪومت هلائڻ جي مخالفت ڪندي، اميد آهي ته حڪومت پاڻ اسٽينڊنگ ڪميٽين ٺاهڻ جي بيوقوفي نه ڪندي. هن چيو ته حڪومت ۾ هڪ ٻه اهڙا ماڻهو موجود آهن جن کي سسٽم جي خبر آهي،  وزيراعظم جي بيانن مان لڳي ٿو ته آمريت جا پاڇا لامارا ڏئي رهيا آهن. پ پ اڳواڻ حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کي ڪڪڙ جا آنا قرار ڏيندي چيو ته حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي ۾ ڪڪڙ آنا ڏنا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر ميثاق معيشت لاءِ حڪومت سان سهڪار لاءِ تيار آهي،  حڪومت آرڊيننس ذريعي معاملا هلائڻ کان پاسو ڪري، پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت پارليامينٽ ۾ جهيڙي کان پاسو ڪري، حڪومت وٽ رڳو 7 ووٽن جي اڪثريت آهي، آرڊيننس ذريعي آمريت جي دور ۾ حڪومت هلائي ويندي آهي، لڳي ٿو ته حڪومت آمريت جو متبادل بڻجي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي مفاد ۾ قانونسازي لاءِ پ پ حڪومت جي حمايت لاءِ تيار آهي،  حڪومت بلن تي مشاورت ڪري، پارليامينٽ ۾ سهڪار ڪنداسين. خورشيد شاهه چيو ته پ پ روايت تي عملدرآمد تائين اسٽينڊنگ ڪميٽين جو حصو نه ٿيندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو