آزادي مارچ جو سمنڊ ايوانن ۾ موجود ڪچري کي لوڙهي ڇڏيندو:مولانا فضل الرحمان

October 28, 2019 at 6:26 pm

سکر/روهڙي (نمائندا) جي يو آءِ ف سربراهه چيو آهي ته آزادي مارچ جو سمنڊ ايوانن ۾ موجود ڪچري کي لوڙهي ڇڏيندو، حڪمرانن کي وڌيڪ وقت برداشت نٿو ڪري سگهجي. روهڙي باءِ پاس وٽ آزادي مارچ جي قافلن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان ڍيو ته حڪمران ڏسن ته هي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن يا لکين. مارچ جو سمنڊ ايوانن ۾ موجود ڪچري کي لوڙهي ڇڏيندو. وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته کيس ادارا به وزيراعظم تسليم نٿا ڪن، اسان کي جمهوريت ۽ اسلام کي بچائڻو آهي. سموري پاڪستان مان هڪ ئي آواز اچي رهيو آهي ته وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ ڏئي. آزادي مارچ کي خطاب دوران سندس چوڻ هو ته موجوده حڪمرانن کي هاڻ وڌيڪ وقت برداشت نٿو ڪري سگهجي، هاڻي ساڻن سياسي مقابلو ٿي رهيو آهي ۽ عوام اسان سان گڏ آهي. روهڙي ۾ مارچ دوران جي يو آءِ ف سوڌو نواز ليگ، پ پ، اي اين پي ۽ ٻين اپوزيشن پارٽيز جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جڏهن ته نثار کهڙو، ناصر شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ڪنٽينر تي مولانا فضل الرحمان سان گڏ موجود هئا. lt\t�;�\

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو