آصف زرداري کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار حڪومت هوندي: شيري رحمان
November 20, 2019 at 6:03 pmاسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ذاتي ڊاڪٽرکي آصف زرداري تائين پهچ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت اڳوڻي صدر جي صحت سان کيڏي رهي آهي، ڪجهه به ٿيو ته ذميوار تحريڪِ انتقام حڪومت هوندي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پمز اسپتال جي ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي صحت پيچيده آهي، ڊاڪٽرز سندس اينجيوگرافي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي. آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر جي غيروجودگيءَ ۾ اينجيوگرافي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ حڪومت ذاتي ڊاڪٽر کي آصف زرداري تائين پهچ جي اجازت ڇو نٿي ڏئي؟ مطالبن باوجود ذاتي ڊاڪٽر کي پهچ نه ڏيڻ حڪومت جي سوچيل سمجهيل سازش آهي. پ پ سينيٽر چيو ته آصف زرداري کي دل جي تڪليف آهي ۽ سندس دل جون شريانيون بند آهن، حڪومت آصف زرداري جي جان سان کيڏي رهي آهي، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار تحريڪ انتقام جي حڪومت هوندي. ?