آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ بنياد آهن:خورشيد شاهه
December 21, 2018 at 5:24 amاسلام آباد ( بيورو ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آصف زرداري اسلام آباد آيندو ته سندس نواز شريف سان ملاقات ٿيندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ بنياد آهن. هن چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ڪو سڌو الزام ناهي، حڪومت کي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف شاهديون پيش ڪرڻيون پونديون، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي ته کين گرفتار ڪيو وڃي. خورشيد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ هلي پر حڪومت پاڻ وچ مدي واريون چونڊيون ۽ غير يقيني جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي گرفتاري تي گڏيل احتجاج جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. پ پ اڳواڻ چيو ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو ڪري عوام تي 130 ارب رپين جو بار وڌو ويو آهي، سعودي عرب کان به حڪومت کي 2 ارب ڊالر مليا آهن، عوام تي بار به وجهي رهيا آهن ۽ ڪشتو به ٽنگي رهيا آهن. هن چيو ته صنم ڀٽو سياست جو حصو آهي کيس سياست کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي.