آصف زرداري ۽ پرويز مشرف خلاف اين آر او ڪيس ختم
January 4, 2019 at 8:43 pmاسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پرويز مشرف ۽ اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم خلاف اين آر او ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڪيا هئا، آصف زرداري، پرويز مشرف ۽ ملڪ قيوم جي اثاثن جا تفصيل اچي چڪا آهن. هن چيو ته اومني گروپ ڪيس ۾ به اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، هاڻي قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. سپريم ڪورٽ فيروز شاهه گيلاني جي درخواست اڪلائيندي آصف زرداري، پرويز مشرف ۽ ملڪ قيوم خلاف اين آر او ڪيس ختم ڪري ڇڏيو.