آصف زرداري 62 ون ايف تحت نااهل ٿيندو:عثمان ڊار جي دعويٰ

January 29, 2019 at 7:56 pm

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار چيو آهي ته آصف زرداري جي نااهلي ڪيس جو فيصلو به تاريخ ۾ لکيو ويندو، مراد علي شاهه جهڙا درٻاري ن ليگ ۾ به هئا، ڏسو انهن جو ڇا حشر ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عثمان ڊار چيو ته آصف زرداري جي نااهلي جي درخواست منظور ڪرڻ تي هاءِ ڪورٽ جو ٿورائتو آهيان، ڪيس جو فيصلو به تاريخ ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته آصف زرداري پنهنجا اثاثا ۽ نيو يارڪ جا اپارٽمينٽ لڪايا، جڏهن ته مهرين شاهه کي فرنٽ مين طور استعمال ڪيو ويو،  ايندڙ ٻڌڻي تي نوٽيس جاري ٿيندا، آصف زرداري 62 ون ايف تحت نااهل ٿيندو. سندس چوڻ هو ته مراد علي شاهه کي پاڪستان ٻڏندو نظر اچي ٿو سنڌ نه، جيڪڏهن پ پ جو مستقبل چاهيو ٿا ته آصف زرداري کان سوال ڪيو، توهان کي وڏو وزير ان لاءِ ناهي بڻايو ويو ته سنڌ جو عوام هيٺ ۽ آصف زرداري جا اثاثا مٿي وڃن، مراد علي شاهه جهڙا درٻاري ن ليگ ۾ به هئا، مفت مشورو ڏيان ٿو ته ن ليگ جو حشر ڏسي ڇڏيو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو