آفريقي ملڪن سان واپار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن: پرڏيهي وزير

November 28, 2019 at 4:48 pm

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آفريقي ملڪن سان واپار وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان گڏيل طور تي معاشي استحڪام لاءِ ڪوششون ڪنداسين، پرڏيهي وزارت واپار سان طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ آفريقي ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن جي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن شروعاتي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته مان پرڏيهي وزارت طرفا /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 31
ن اوهان کي خاطري ڪرايان ٿو ته پرڏيهي وزارت ۽ واپار وزارت سان اهي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور معاشي استحڪام لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي، اسان جي سفيرن جون ڪوششون لاڀائتو ثابت ٿينديون، جڏهن ته سڀني واڳيل ڌُرين قومي جذبي سان اجتماعي ڪوششن کي ڪتب آڻڻ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مان سيڙپڪاري بورڊ، واپار واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو شڪرگذار آهيان ته پرڏيهي وزارت سان ان اهم موضوع تي رٿيل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازيو. اي پي پي/ز – ج/ح – ق 16:06

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو