آفيسرن کي هاڻ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ترقي ملندي:فردوس عاشق اعواڻ
February 17, 2020 at 6:04 pmاسلام آباد(بيورو): فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم تحريڪ انصاف جي منشور تحت سول سروسز ۾ اصلاح آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، آفيسرن کي هاڻ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ترقي ملندي/.وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته سول سروسز ۾ اصلاح شروع کان موجود فرسوده نظام ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي نيئن روشن مستقبل جي لاءِ اهم ثابت ٿيندي.هن چيو ته ترقيءَ جا معيار تبديل ڪيا ويا آهن، نااهلي جي حوصلاشڪني ۽ اهليت جي حوصلاافزائي ٿيندي، هاڻ ڪنهن ماڻهوءَ جي خوشنودي يا ڪنهن سياسي خاندان جي خدمت ڪرڻ ترقيءَ جو معيار نه هوندو.