اداڪاره ۽ ماڊل ماورا حسين سموري ڪيريئر دوران هڪ به ايوارڊ نه ملڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

November 19, 2019 at 5:27 pm

ڪراچي (شو بز نيوز) اداڪاره ماورا حسين ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ

جي باوجود هينئر تائين هڪ به ايوارڊ نه ملڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي. اداڪاره ماورا حسين جو شمار پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي. جيڪا لالي ووڊ سان گڏ بالي ووڊ ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي. هو(جواني پهر نهين آئي 2) (سمي) ۽(آنگن) سميت ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي پر هينئر تائين کيس هڪ به ايوارڊ ناهي مليو.  تازو ئي انڊيپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ ماورا حسين ٻڌايو آهي ته ڪيترائي ڀيرا نامزد ٿيڻ جي باوجود اڄ تائين مون کي هڪ به ايوارڊ ناهي مليو ان  جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته شايد خدا چاهي ٿو ته مان اڃان به گهڻي محنت ڪريان.  ماورا حسين 2016 ۾ بالي ووڊ فلم(صنم تيري قسم) ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو هو جنهن ۾ ان جي اداڪاري جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي هئي. ماورا بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي تجربي جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو آهي ته بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ ۾ گهڻو فرق ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻاهران ڏسڻ  تي ماڻهن کي لڳي ٿو ته بالي ووڊ تمام وڏي صنعت آهي  پر ڪم ته ڪم هوندو آهي 4

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو