اردن ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ سانحو: زرعي زمين تي گهر کي باهه لڳڻ سبب 7ٻارن سوڌو ڪڪڙ واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 13 ڄڻا اجل جو شڪار
December 2, 2019 at 6:03 pmاردن/ڪڪڙ(نيوز ڊيسڪ) اردن ۾ زرعي زمين تي گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 7ٻارن سميت ڪڪڙ واسي 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، پرڏيهي وزارت به تصديق ڪري ڇڏي. رائيٽرز موجب ادرن جي شهري دفاع واري کاتي موجب نجي فارمز ۾ هزارين پرڏيهي ٽين سان ٺهيل گهرن ۾ ترسيل آهن، پرڏيهي خابرو اداري موجب اردن جي علائقي ڪرامي ۾ هڪ گهر کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 پاڪستاني خاندان اجل جو شڪار ٿي ويا. چيو پيو وڃي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته باهه واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جو تعلق دادو ضلعي ۽ هڪ ئي خاندان سان آهي، فوتين ۾ 7 ٻار، 4 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته علي شير جويو ۽ سندس خاندان 1970ع کان اردن ۾ ترسيل هو، سانحي ۾ علي شير جويو محفوظ رهيو. باهه سانحي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ علي شير جويو جي گهرواري، هڪ پٽ، هڪ نياڻي، شريف جويو، محمد جويو، بچي ويل رزاق جويو جي گھرواري ۽ سندس 2 پٽ عمر جويو، ھڪ سال جو احمد جويو ۽ ھڪ نياڻي حنيفان، نينگري حفيظان، دفعالا، چئن سالن جي خديجه ۽ ٽن سالن جو محمد به شامل آهن. اردن ۾ موجود علي شير جويو ڪڪڙ ۾ رھندڙ پنھنجي سالي ايڊووڪيٽ نويد علي جويو ۽ عبدالمجيد جويو کي واقعي بابت آگاھ ڪيو، جنھن کانپوءِ جويا برادري ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي ۽ جويا پاڙي ۾ تڏو وڇايو ويو آھي. رابطو ڪرڻ تي ڪائونسلر ايڊووڪيٽ نويد جويو چيو ته منھنجو ڀيڻيو علي شير جويو ۽ سندس خاندان گذريل پنجاھ کان سٺ سالن کان اردن ۾ رھندڙ ھئا ۽ علائقي مزدوري ٺيڪيداري جو ڪم ڪندا ھئا، معلوم ڪيم ته گھر کي اوچتو باھ لڳي، جنهن سبب گھر ۾ پيل ٽي کان چار گيس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيا، باھ سموري گھر کي وڪوڙي وئي، جنھن ۾ اسان جي خاندان جا 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي فوت ٿي ويا. اتان جي انتظاميه واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي. :640,