اردو ۾ تنهن ڪري ڳالهائيندو آهيان جو اسلام آباد ۾ ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا ماڻهو ويٺل آهن : آصف زرداري

December 29, 2018 at 5:23 am

گهوٽڪي ( ڊ ر ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪنهن شيءَ کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، پ پ قيادت کي نه ڪو ڊيڄاري سگهي ٿو ۽ نه وري جهڪائي سگهي ٿو. گهوٽڪي ۾ جلسي کي خطاب آصف زرداري چيو ته اردو ۾ تنهن ڪري ڳالهائيندو آهيان جو اسلام آباد ۾ ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا ماڻهو ويٺل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ارڙهين ترميم ۾ قدرتي وسيلن تي صوبن کي حق ڏنو آهي ته گهوٽڪي جو ڪهڙو ڏوهه آهي، سندن حق نه ٿو ملي، اها ننڍي ڳالهه ناهي، جيڪڏهن اها ڳالهه نڪتي ته پري تائين ويندي. هن چيو ته منهنجي گئس فيلڊ يا وري ڪوئلي جون کاڻيون نه آهن، اسان انهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ غريبن جي ملڪيت بڻائي ڇڏيو ڇو ته پ پ جي فلاسفي آهي ته پهريون حق غريب ۽ مقامي ماڻهن جو آهي. آصف علي زرداري چيو ته توهان جي چوڻ سان پاڪستان مضبوط نه ٿيندو آهي، ملڪ تڏهن مضبوط ٿيندي آهي جڏهن عوام خوش هجي، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو، اسان جيڪي ڪم ڪيا اهي ايندڙ تاريخ لکندي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي ان جي تڪليف آهي ته ايتري ڌانڌلي سنڌ ۾ نه ڪرائي سگهيا جيتري ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرائي ته ڪوشش ڪري ڏسو، اسان ان جو به مقابلو ڪنداسين، اسان اليڪشن کٽي به مخالف ڌر ۾ ويهي ڏٺو آهي، اسان ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ايندا آهيون، پنهنجي خدمت ڪرڻ نه ايندا آهيون.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪنهن شيءَ کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، جنهن قوم ۾ ٻڌي هجي ۽ هن پنهنجا حق سمجهي ورتا هجن ته کين ڪو جهڪائي نه ٿو سگهي، نه توهان جي قيادت کي ۽ نه وري توهان جي ڪارڪنن کي ڪو ڊيڄاري سگهي ٿو ۽ نه جهڪائي سگهي ٿو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو