ارشاد رانجهاڻي جو قاتل گرفتار نه ٿيو، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، روڊ بلاڪ

February 10, 2019 at 8:05 pm

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي جي ڀينس ڪالوني ۾ قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ يوسي چيئرمين رحيم شاهه جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. مٺياڻي ۾ حبيب

 مشوري، فياض شيخ، رياض سولنگي، وقارشيخ ۽ امداد ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ سياسي سماجي تنظيمن طرفان پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. موري ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ٽي پي، جسقم آريسر، رانجهاڻي برادري، قومي عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي اعزاز رانجھاڻي، راشد سولنگي، محمود اعواڻ، خادم بالادي، شاھنواز ڀٽي، امير لغاري، اشفاق پنھور، نادر ڪورائي، الطاف بھڻ، عرفان عباسي، فھيم لانگاھ، صدام ڪلھوڙو، جاويد عالماڻي ۽ ٻين ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطابو ڪيو. ميرو خان ۾ جسقم ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي صوبدار جتوئي، شعبان چنو، رضوان تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو.. مظاهرين چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي. دادو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو رستن تي نڪري آيا، مظاهري دوران ارشاد رانجهاڻي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ نعرا هنيا ويا. ڪڙيو گهنور، ڪي اين شاهه، ٽنڊو ڄام، ميهڙ، سن، مانجهند، هالا، مٽياري، ڪوٽري، نصير آباد، ٺل ۽ ڪشمور۾ به قومپرست، سياسي سماجي تنظيمن طرفان مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ به تعداد ۾ ماڻهن مظاهرو ڪري ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي خلاف مظاهرا ڪيا ويا. دولتپور، گهارو، لالو رائنڪ، مديجي، ڀان سيد آباد، ميرپور بٺورو، شهدادڪوٽ، شهدادپور، جوهي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ارشاد رانجهاڻي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ مظاهرا ڪيا ويا. سڄي سنڌ ۾ ٿيل مظاهرن دوران ڪراچي ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي جوابدارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي ڪراچي ۾ يوسي چيئرمين هٿان قتل ٿيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي، جي ڊي اي جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ به دادو پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي، نصرت سحر عباسي سنڌ جي وڏي وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان موقعي تي سان ڳالهائيندي نصرت سحر عباسي چيو ته رحيم شاھ بلڊر مافيا، ڀتي خور ، ڪيترن ئي ماڻهن جو قاتل رهيو آهي، اسان جا نوجوان ڪيسيتائين بيدردي سان ماريا ويندا، سنڌ جي وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته بلاول ڀٽو ڇو خاموش آهي، اسان هاڻي پنهنجن نوجوانن جو بي رحماڻو قتل برداشت نه ڪنداسين، سنڌ اسيمبلي ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو