ارشاد رانجهاڻي واري معاملي تي لساني وڳوڙ ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: مراد علي شاهه

February 13, 2019 at 7:35 pm

 بدين(ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي واري واقعي کي ڪجهه عنصر لساني وڳوڙ جو ذريعو بڻائڻ چاهين ٿا.نجي ٽي وي مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مير غلام محمد ٽالپر جي ورسي تقريب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽنڊوباگو پهتو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته   ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪنهن قوم سان تعلق رکندڙ فرد جو نه پر انسانيت جو قتل آهي پر ڪجهه عنصر ان معاملي کي لساني جهيڙي جو ذريعو بڻائڻ چاهين ٿا.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششن ۾ آهي، اسڪولن ۾ ايليوڪيشن به رکيل آهي، اتي ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ به ڪم ڪري رهيو آهي، جن اسڪولن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، اسان سڀني اسيمبلي ميمبرن کي اسڪولن جي لسٽ به ڏني آهي، جڏهن ته بدين ۾ پاڻي بحران بابت خبر آهي، جلد پاڻي واري کوٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو.هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽرن لاءِ اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهيان، جيڪو پنجاب ۾ کين ملي ٿو، هتي به اهو ئي ملندو، جڏهن ته ٽيڪس وصول ڪرڻ ۾ وفاق جي ڪوتاهي آهي، پهرين ست مهينن ۾ گذريل سال کان به گهٽ پئسا اسان کي مليا

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو