ارڙهين ترميم تي حملو برداشت نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري
January 18, 2019 at 7:09 amاسلام آباد ( بيورو ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايوان ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان فيصلا ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻه اڻ چونڊيل ماڻهو قلم جي چهنب سان ختم ڪري ڇڏين ٿا تنهن ڪري جمهوريت ۾ هو نه ٿو ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس جي آءِ ٽي کان پڇا ڪئي ته ڪنهن جي چوڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو پر ان سوال جو جواب ئي نه ٿو ملي، جڏهن ته وزيراعظم ايوان جي اجلاس ۽ اي سي ايل بابت بيان ڏنو سٺو ٿي ها ته وزيراعظم ٽوئٽ بدران اسيمبلي ۾ بيان ڏي ها، وزيراعظم سامهون ڳالهائي ته جيئن کيس سامهون جواب ڏيو پر کيس همت ئي ناهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار اين آءِ سي وي ڊي جهڙيون عالمي معيار جون اسپتالون قائم ڪيون جنهن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو آهي، هي دنيا ۾ مفت علاج جي سهولت ڏيندڙ وڏو ادارو آهي، جيڪڏهن واقعي سپريم ڪورٽ هي ادارو سنڌ کان کسي ٿي ته منهنجي لاءِ سنڌ جي عوام کي سمجهائڻ ڏکيو هوندو، مان سمجهندس ته ارڙهين ترميم تي حملو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ملڪ هلائڻ لاءِ سڄي دنيا مان چندو گهري رهيا آهن، 14 بلين جي اين آءِ سي وي ڊي هلائڻ لاءِ ڪٿان پسئو آڻيندا، جيڪڏهن اهو فيصلو ٿئي ٿو ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته هي پئسو ڏيندا ۽ اسپتال ۾ مفت علاج جاري رهندو ڇو ته ايئن ممڪن ناهي.