اسان جي خاموشي کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا : آرمي چيف
December 13, 2018 at 3:04 amراولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته مقامي ۽ پرڏيهي سرمائيدارن کي ڪاروبار لاءِ پرامن ماحول فراهم ڪيو ويندو ۽ پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سنڌ جي گدرا سيڪٽر ۾ اڳلن مورچن جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز به آرمي چيف سان گڏ هو، آرمي چيف فوجي دستن جي پيشيوراڻين تيارن ۽ مٿانهين مورال جي تعريف ڪئي.پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف ٿر ڪول پائليٽ پراجيڪٽ جو به دورو ڪيو جتي ايم ڊي فوجي فرٽيلائزر ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ طارق خان سندس استقبال ڪيو، جنرل قمر جاويد باجوا کي ٿر ڪول پائليٽ پراجيڪٽ بابت تفصيل بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته ملڪ جي اندروني سلامتي جي صورتحال بهتر ٿيڻ سان پرڏيهي سرمائيداري جو رستو آسان ٿيو، ملڪ ۾ ڪاوربار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين جڏهن ته پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.