اسان جي ملڪ ۾ ڪير به احتساب جي عمل مان گذرڻ نٿو چاهي، سڀ ٻاهر ڀڃي وڃڻ چاهن ٿا:شاهه محمود قريشي ملتان
November 24, 2019 at 6:41 pm
اسان جي ملڪ ۾ ڪير به احتساب جي عمل مان گذرڻ نٿو چاهي، سڀ ٻاهر ڀڃي وڃڻ چاهن ٿا:شاهه محمود قريشي ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪير به احتساب جي عمل مان گذرڻ نٿو چاهي ۽ سڀ ٻاهر وڃڻ جي خواهش رکن ٿا.ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هٺ ڌرمي جاري آهي، اتي ڪرفيو کي 112 ڏينهن گذري چڪا آهن، ڪشمير جي معاملي تي سياسي جماعتن ۾ ڪو اختلاف ناهي، آمريڪي ڪانگريس ۾ ڪشمير مسئلو ڀرپور طريقي سان اٿاريو ويو، نمائندن جي ايوان جي ميمبر راشدا طالب آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، يورپي يونين ۾ به ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪيو ويو آهي، اسان جي اندرين صورتحال سبب ڪجهه وقت لاءِ ميڊيا جي نظر والاريل ڪشمير تان هٽي وئي هئي.هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن جي مارجڻ جا انگ اکر به جاري ناهن ڪيا ويندا، ان ڏس ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر بريڊ شرمين والاريل ڪشمير تي بريفنگ جو مطالبو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن يورپي وفد کي والاريل ڪشمير جو دورو ڪرائي سگهجي ٿو ته آمريڪي کي ڇو نه؟سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ناروي واقعي سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي، ڪالهه پرڏيهي آفيس ۾ ناروي جي سفير کي گهرائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ناروي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ کي سخت سزا ڏني وڃي.پرڏيهي وزير سي پيڪ جي حوالي سان آمريڪي خدشن تي چيو ته اهو منصوبو گيم چينجر آهي، اهو چوڻ ته سي پيڪ سان اسان جي قرضن ۾ واڌ ٿيندي درست ناهي، اسان انهن جي راءِ مان متفق ناهيون، آمريڪا سميت جيڪو به اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ڪري.شاهه محمود قريشي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان چيو ته سنڌ جي حڪومت آصف زرداري جي تابع آهي، اڳوڻي صدر جو ڪيس ان ڪري راولپنڊي منتقل ڪيو ويو، ڇو ته سنڌ حڪومت انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ وجهي رهي هئي.نواز شريف بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي حوالي سان صحت واري وزارت بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي خواهش سڀني جي آهي، ملڪ ۾ ڪير به احتساب جي عمل مان گذرڻ نٿو چاهي، مختلف بهانن ذريعن احتساب جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون وينديون آهن، وزيراعظم احتسابي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.