اسان ڪرائسٽ چرچ ۾ دهشتگردي کان متاثر ٿيندڙ پاڪستانين سان گڏ آهيون:وزيراعظم

March 18, 2019 at 6:37 am

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي حملو ڪندڙ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي شهادت حاصل ڪندڙ پاڪستاني نعيم راشد کي قومي اعزاز سان نوازشڻ جو اعلان ڪيو آهي.وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ڪرائسٽ چرچ ۾ دهشتگردي کان متاثر ٿيندڙ پاڪستانين سان گڏ آهيون.وزيراعظم عمران خان واقعي دوران دهشتگرد کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوران شهادت حاصل ڪندڙ پاڪستاني شهري نعيم راشد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي ميان نعيم راشد تي فخر آهي.نعيم راشد دهشتگردي کي ٻنجو ڏيڻ ۽ اڇي نسل جي دهشتگرد کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، بهادري ڏيکارڻ تي ميان نعيم کي نيشنل ايوارڊ سان نوازيو  ويندو.ايبٽ آباد سان تعلق رکندڙ نعيم راشد پنهنجي گهروارن سان گڏ ڪرائسٽ چرچ ۾ رهيل هو، 15 مارچ تي هو پنهنجي پٽ سان گڏ مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪري رهيو هو، ان دوران هن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي حملي آور کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي، دهشتگردي جي ان واقعي ۾ سندس پٽ به شهيد ٿيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو