اسحاق ڊار، حسين ۽ حسن نواز جي واپسي جي ڪارروائي جلد شروع ٿيندي: فواد چوڌري
June 14, 2019 at 4:08 pmاسلام آباد ( بيورو ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته لنڊن مان هاڪاري خبرون اچي رهيون آهن، اسحاق ڊار، حسن نواز ۽ حسن نواز جي ملڪ بدري جي ڪارروائي جلد شروع ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو به امڪان ناهي. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ٻنهي پارٽين جا پاپا جيل ۾ آهن، آصف زرداري وفاق جا پئسا سنڌ ۽ اتان پرڏيهه موڪليا، جاچ کان بچڻ لاءِ اسيمبلي کي استعمال ڪيو پيو وڃي، پاپائن کي جيل مان ڪڍڻ لاءِ اسيمبلين کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان خلاف نواز شريف جي دور ۾ جاچ ٿي، عمران خان کي سپريم ڪورٽ ڪلين چٽ ڏني، اسپيڪر قومي اسيمبلي پراڊڪشن آرڊر لاءِ قانون واري وزارت کان راءِ طلب ڪئي آهي. فواد چوڌري چيو ته مخالف ڌر پنهنجو رويو ٺيڪ ڪري ته مسئلا حل ٿي ويندا، برطانيا سان جوابدارن جي حوالگي لاءِ هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن.