اسلامي فوجي اتحاد دهشتگردي خلاف هڪ مربوط پليٽ فارم آهي: صادق سنجراڻي
February 12, 2019 at 7:36 pmاسلام آباد ( بيورو ) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، اسان کي اميد آهي ته لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اسلام آباد ۾ تصويري نمائش جي افتتاح وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ڀرپور سهڪار تي ٿورائتو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ مضبوط لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪيون ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، اسلامي ثقافت جي حفاظت ۾ سعودي عرب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته خطي جي بهتري لاءِ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري سگهن ٿا، سعودي شوريٰ جي وفد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، پاڪستاني عوام سعودي عرب جي سيڙپڪاري تي خوش آهن. صادق سنجراڻي چيو ته اسان کي اسلامي فوجي اتحاد کي ساراهڻ گهرجي، سعودي عرب ان جي شروعات ڪئي اسان کي اميد آهي ته گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.