اسلام آباد جي هفتيوار سستي بازار ۾ هڪ دفعو ٻيهر باهه، اڍائي سئو کان وڌيڪ اسٽال سڙي خاڪ ٿي ويا

October 29, 2019 at 11:29 pm

اسلام آباد: (اڱارو 29 آڪٽوبر 2019ع) اسلام آباد جي هفتيوارڌ سستي بازار ۾ هڪ دفعو ٻيهر باهه لڳڻ سبب 250 کان وڌيڪ اسٽال سڙي خاڪ ٿي ويا.

ڪروڙين روپين جو نقصان. فائربرگيڊ عملي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ باهه تي قابو ڪري ورتو. رات 3 بجي لڳندڙ باهه ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترن ئي اسٽالن تائين ڦهلجي وئي. بحريه ۽ سي ڊي اي جي فائربرگيڊ جون 14 گاڏين 4 ڪلاڪ جي جدوجهد کان پوءِ باهه تي قابو پاتو.  متاثر ٿيندڙ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته انتظاميه ڄاڻي واڻي باهه لڳائي آهي. بازار ۾ ٽوٽل 2750 اسٽال آهن. باهه اي ايف ۽ جي سيڪشن ۾ لنڊي جي اسٽالن ۾ لڳي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سروعاتي شاهدن موجب باهه يو پي ايس جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو