اسلام آباد: نيب پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر کي به گرفتار ڪري ورتو

June 14, 2019 at 4:11 pm

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) نيب پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو. نيب جي ٽيم اسلام آباد جي ايف 8 واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر هن وقت نيب جي حراست ۾ آهي، امڪان آهي ته زرداري هائوس کي سب جيل قرار ڏئي کيس اُتي ئي رکيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر جي طبي معائني لاءِ نيب جي ٽيم اسلام آباد جي ٻن سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرز کي گهرايو ويو آهي. واضح رهي ته نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال طرفان گذريل ڏينهن فريال ٽالپر جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو