اسلام دشمن سازشن ۾ مصروف آهن، پاڪستان جا فيصلا ملڪ ۾ ئي ٿيندا: شهريار آفريدي
March 31, 2019 at 7:52 pmاسلام آباد ( بيورو ) ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته اسلام دشمن رات ڏينهن سازشن ۾ مصروف آهن، پاڪستان جا فيصلا ملڪ ۾ ئي ٿيندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته سموري دنيا پاڪستان جي يوٿ مان چڱي نموني واقف آهي، امن لاءِ ڀارت سان جنگ نه ٿا چاهيون، هن چيو ته ڀارت ۾ چونڊون اچي رهيون آهن، اسان جنگ نه امن چاهيون ٿا، ڀارت جو پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان عزت ۽ احترام ڪريون ٿا. شهريار آفريدي چيو ته مودي جا اڇا وار آهن، الله چوي ٿو ته عزت ڏيو ته اسان به ڏينداسين، مودي جيڪڏهن فلم ٺاهڻ چاهي ٿو ته ٻڌي ڇڏي اسان به جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڀارت سمجهي ٿو ته پاڪستاني عوام هڪ پيج تي ناهي، اڄ نعري جو جواب ڏئي مودي کي پيغام ڏيون ٿا ته پاڪستان زنده باد. شهريار آفريدي چيو ته پٺاڻ ڪڏهن به سائي جهنڊي خلاف نه ڳالهايو آهي، جيڪڏهن ڪو ڳالهائي ٿو ته ڪنهن ٻئي جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، هاڻي ڪنهن قانون ٽوڙيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.