افغانستان ۾ امن جو سڀ کان گهڻو فائدو پاڪستان کي ٿيندو : شاهه محمود قريشي
March 10, 2019 at 8:03 pmملتان ( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جو سڀ کان گهڻو فائدو پاڪستان کي ٿيندو. ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اعتماد سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته عمران خان هميشه چيو ته افغان مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيندو، سندس اهڙي پاليسي تي کيس طالبان خان جو طعنو ڏنو ويو. هن چيو ته اڄ عمران خان جي موقف کي قبول ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سرحدي ۽ معاشي دٻاءَ جو شڪار آهي، ملڪ جا ڪيترائي ادارا مضبوط آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته چين ماضي ۾ به اسان سان گڏ هو ۽ هاڻي به آهي. هن چيو ته مان ريمنڊ ڊيوس معاملي تي اصولي موقف اختيار ڪري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته مودي چئي چڪو آهي ته پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ سندس پاليسي آهي، امتحان اڃا ختم نه ٿيو آهي، اڃا وڌيڪ امتحان ايندا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان تي بنا جاچ جي آڱريون کنيون وينديون آهن، ماضي جي حڪومت ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ وڌو ويو. هن چيو ته معاشي لحاظ کان پاڪستان ڏيوالي جي ويجهو هو، هاڻي بهتري اچي رهي اهي. سندس چوڻ هو ته ايراني پرڏيهي وزير چيو ته جندالله تنظيم ايران ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندي آهي، ڀارت سارڪ کي يرغمال بڻائي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب اسان جو دوست ۽ محسن ملڪ آهي، وچ اوڀر مان بي شمار پاڪستاني روزگار حاصل ڪن ٿا ۽ اسان جي معيشت جو ڦيٿو هلندو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت پاڪستان کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪيو.