افغانستان ۾ امن معاهدي کانپوءِ مخالفن کي عام معافي ڏني ويندي: طالبان

December 29, 2018 at 5:26 am

ڪابل ( م ڊ ) افغان طالبان جي ترجمان دبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي ته افغانستان جي شهرين کي يقين ڏياريون ٿا ته طالبان جي آمد کانپوءِ ملڪ ۾ امن واپس ايندو ۽ مخالفن کي عام معافي ڏني ويندي. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ذبيح الله مجاهد چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن ۽ طالبان واپس اچن ٿا ته سندس آمد 1996ع جيان نه هوندي. طالبان ترجمان چيو ته اسان افغانستان جي عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته طالبان طرفان کين ڪنهن به قسم جو ڪو به خطرو نه هوندو، اسان جي مخالفت رڳو غيرملڪي فوج جي ڪري آهي. هڪ ڀيرو غيرملڪي فوج افغانستان مان نڪري وڃي ۽ امن معاهدي تي صحيحون ٿي وڃن وري ملڪي سطح تي ماڻهن کي عام معافي ڏني ويندي. ذبيح الله مجاهد جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي طرفان ڪير به پوءِ ان جو واسطو پوليس، فوج، حڪومت يا ڪنهن به شعبي سان هجي، ان کي اسان جي طرفان انتقام جو نشانو نه بڻايو ويندو.  طالبان ترجمان جو بيان ان موقعي تي سامهون آيو آهي جڏهن افغان امن عمل لاءِ آمريڪي خاص نمائندو زلمي خليل زاد ۽ طالبان اڳواڻن وچ ۾ تازو ٽن مهينن دوران ڳالهين جا ڪيئي دور هلي چڪا آهن. ٻئي پاسي افغان هيومن رائيٽس ڪميشن جي ترجمان بلال صديقي جو چوڻ آهي ته سندن خيال ۾ اڃا تائين طالبان جو ذهن تبديل ناهي ٿيو، کين ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ گهرجي انساني حقن جي احترام کانسواءِ عالمي برادري کين ڪڏهن به نه قبوليندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو