افغان طالبان تي اسان جو اثر محدود آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان

December 21, 2018 at 5:20 am

اسلام آباد ( وبيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته افغان  مفاهمتي عمل لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي هر هنڌ تعريف ڪئي وئي ۽ افغان طالبان تي اسان جو اثر محدود آهي.  اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو سلسلو جاري آهي، ڪشميرين خلاف پيلٽ گنز ۽ فورس جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ڀارت طاقت جي زور تي مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دٻائي نه ٿو سگهي، ڀارت عالمي ادارن کي ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي جاچ جي اجازت ڏي. هن چيو ته ڪرتارپور جي ڌرتيءَ کي ڀارت حوالي نه پيو ڪيو وڃي،  نهال انصاري غير طور پاڪستان آيو ۽ جاسوسي ڪندي گرفتار ٿيو، سزا مڪمل ٿيڻ تي کيس واپس موڪليو ويو. سندس چوڻ هو ته ڀارت سان هر 6 مهينن بعد قيدين جي لسٽ جي مٽاسٽا ڪئي ويندي آهي، پهرين جنوري تي قيدين جي لسٽ جي مٽاسٽا ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو ته جناح هائوس ممبئي تي اسان جي ڪليم آهي جنهن تي قبضي جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڀارت به اسان جي ڪليم کي قبول ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڪنهن ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو آهي،  چين ۾ پاڪستاني مڙسن جي چيني زالن جي جيل ۾ هئڻ جون ڳالهيون غلط آهن، چيني اختيارين موجب 44 عورتن مان 6 پاڪستان ۾ آهن ۽ 23 سنڪيانگ ۾ پنهنجي مرضي سان رهي رهيون آهن، ٽي عورتون مختلف ڏوهن سبب جيلن ۾ آهن ۽ 8 عورتن کي تربيت ڏني پئي وڃي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو