اليڪشن جي ذريعي سليڪشن پاڪستان تان دنيا جو اعتماد کنيو ويو آهي:ن ليگ
January 28, 2019 at 7:12 pmاسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اليڪشن جي ذريعي سليڪشن پاڪستان تان دنيا جو اعتماد کنيو ويو آهي. مسلم ليگ جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته معيشت تباهه ٿي رهي آهي، ترقي جي شرح به گهٽجي وئي آهي جڏهن ته سيڙپ مارڪيٽ سان ضايع ٿي چڪي آهي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته اسان جي دور ۾ ترقي جي شرح 5.8 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻ گهٽ ٿي 3.8 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جنهن ملڪ ۾ ترقي جي شرح 2 ڏهائي گهٽ ٿي وڃي ته اُتي لکين ماڻهو بي روزگار ٿي ويندا آهن. هن چيو ته هن حڪومت جو رڳو مخالف ڌر سان محاذ آرائي تي زور آهي، حڪومت کي رڳو مخالف ڌر جي پڳ اڇلڻ ۽ قومي اسيمبلي کي ڊي چوڪ بڻائڻ آهي. هن چيو ته بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب کي الڳ الڳ صوبو بڻايو وڇي ۽ ان حوالي سان ن ليگ آئيني ترميمي بل جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. احسن اقبال چيو ته موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب جي نعري تي اليڪشن وڙهي هئي، هاڻ ڏسون ٿا ته حڪومت ڇا ڪري ٿي. هن چيو ته جتي اهڙي ڪيفيت هوندي آهي اُتي ڪو به ملڪ سيڙپڪاري لاءِ ناهي ايندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور صوبو بڻائڻ جي لاءِ سنجيده آهي ته اسان غير مشروط سهڪار جي لاءِ تيار آهيون. اڳوڻي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اليڪشن جي ذريعي سليڪشن دنيا مان پاڪستان جو اعتماد کنيو ويو آهي. اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي حڪومت کي يوٽرن ماسٽر قرار ڏيندي چيو ته موجوده حڪوتم هر ڳالهه تي يوٽرن وٺندي آهي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت تباهي تي آهي، جون ۾ بجيٽ پيش ٿيندي ته عجلت ۾ هن وقت بجيٽ ڇو پيش ڪئي وئيئ هن چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال سڀني جي سامهون آهي، معيشت ٽوئٽ سان نه عملي بندوبستن سان هلندي آهي