امداد ملڻ باوجود پريشاني ۽ گهٻراهٽ جو شڪار حڪمران احتساب جي ڳالهه پيا ڪن:آصف زرداري
December 27, 2018 at 8:19 pmلاڙڪاڻو(رپورٽ اقبال ميمڻ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته لاڏلي جي ڦاٽل دهلن ٻيهر للڪاريو آهي، سازشن جو مقابلو ڪنداسين، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان ڪيسن کان نه اڳ ڊناسين نه هاڻي ڊڄنداسين، اڄ لاڏلي جي ڦاٽل دهلن اسان کي ٻيهر للڪاريو آهي، هن چيو ته جمهور ي طريقي سان اليڪشن کٽي ٻيهر واپس اينداسين، حڪومت ۾ اچي پاڪستان ۽ معيشت کي سنڀالينداسين، هن چيو ته بلاول منهنجو ۽ بينظير جو پٽ آهي، انکي ڪيئن ڊيڄاريندئو، اسان پهرين به سازشن جو مقابلو ڪيو ۽ هاڻي به ڪنداسين، جيالا لاڏلي جي ظلمن کي منهن ڏيڻ جي طاقت رکن ٿا، هن حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪو ڪم ڪرڻ ڄاڻيندو آهي ان لاءِ 100 ڏينهن گهڻا آهن، اسان 100 ڏينهن ۾ مشرف کي گهر پهچايو، هنن حڪمرانن کي ٽي وي تي بڪواس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو، پاڙيسري ملڪن کان تمام گهڻي مدد ملڻ باوجود هنن کان ملڪ نٿو سنڀالجي، هو نه ڏسي سگهن ٿا، نه ٻڌن ٿا، هن چيو ته هو جيڪو عمل ڪندا انهن کي اهڙلو ئي جواب ڏينداسين.