انتظاميا مستقبل جي گهرجن موجب منصوبابندي ڪري:وزيراعظم
March 4, 2019 at 7:45 pmاسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ علي اعواڻ کي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ چيو ته انتظاميا مستقبل جي گهرجن موجب منصوبابندي ڪري. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان سان اسلام آباد جي قومي اسمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت وارو وزير عامر ڪياني، علي نواز اعواڻ، راجا خرم نواز موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق، اسلام آباد جي ڪمشنر عامر احمد علي به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ اسلام آباد جي ماسٽر پلان جي تبديلي لاءِ ڪميشن جي ڪارڪردگي تي خيالن جي وٺ ڪئي وئي. ن موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلام آباد دنيا جي خوبصورت شهرن منجهان هڪ آهي، شهر جي خوبصورتي وڌائڻ سميت ترقياتي منصوبن جي رفتار تيز ڪئي وڃي، مقامي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جون معياري سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ اعلي اعواڻ کي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انتظاميا مستقبل جي گهرجن موجب منصوبابندي ڪري. ان موقعي تي علي اعواڻ جو چوڻ هو ته ماسٽر پلان جي تبديلي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، شهر جو موجودا ڍانچو مڪمل طور تي تبديل ڪيو پيو وڃي.