انشاءَ الله اسان پنهنجي منشور مطابق عوام جا مسئلا جلد حل ڪنداسين:وزيراعليٰ سنڌ
December 5, 2019 at 4:53 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ سنڌ جي بلديات، زڪوات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ بهادرآباد ۾ بڻجڻ واري انڊر پاسز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عوام جي سهولتن لاءِ وڌيڪ ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ جاري ترقياتي ڪم مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيا وڃن.هن چيو ت/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 26
ه جٿي جٿي عوام جي مشڪلن جي حل لاءِ وڌيڪ منصوبن جي ضرورت پئي اسان هتي نون منصوبن تي ڪم جلد شروع ڪنداسين. سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته ٻن انڊر پاسز مان هڪ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ افتتاح ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي زير تعمير انڊر پاس کي به هلندڙ مهيني مڪمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورنگي ۾ به زير تعمير 2 انڊر پاسز هلندڙ مهيني ۾ عوام لاءِ کوليا ويندا. سنڌ جي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته لياري جي 12 اهم روڊن تي به ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ انهن تي وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي ويو آهي