ايندڙ حڪومت اسان جي ئي آهي: آصف علي زرداري

November 7, 2018 at 6:19 pm

خيرپور(ڊ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ايندڙ حڪومت وري اسان جي آهي.خيرپور ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ جي عوام هميشه اسان جو ساٿ ڏنو آهي، ڪجهه عنصر اسان جي ۽ عوام جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان عوام کان پري نه ٿا رهي سگهون، اوهان هميشه منهنجو ساٿ ڏنو پر ڪجهه ويڇا ٿي ويا هئا، چاهيان ٿو ته اوهان سان محبت جو رشتو قائم رهي.آصف زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو مشن عوام جي خدمت هو، منهنجي زندگي جو مقصد بينظير ڀٽو جو مشن اڳتي وڌائڻ آهي، اسان خدمت ڪندا رهنداسين ۽ ايندڙ حڪومت وري اسان جي ئي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو