اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جو حصو قانون موجب ڏنو وڃي:مرتضيٰ وهاب
January 28, 2019 at 7:11 pmڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته 25 جولائي کان هينئر تائين چئي رهيا آهيون ته چونڊون شفاف نه هيون ۽ بلال ڀٽو پڻ وزيراعظم کي سليڪيٽڊ چيو هو جڏهن ته ناڻي واري وزير اعتراف ڪيو آهي ته وزيراعظم صاحب کي ايندڙ چونڊون خريد ڪرڻ نه پونديون. شاهه محمود پڻ اعتراف ڪيو آهي ته طاقتون، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف کي پسند نه ڪنديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي پڇڻ گهرجي ته ووٽ ته ڏين ٿا پر اهي ڪير آهن جيڪي خريدڻ ۽ وڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن. مني بجيٽ ۾ اگهن کي وڌايو ويو پر هينئر تائين اسيمبلي ۾ انهيءَ تي ڳالهايو نه ويو آهي جڏهن ته پهرين فيبروري کان مني بجيٽ تي عمل ٿيڻو هو پر اڃان تائين انهيءَ کي پاس نه ڪرايو ويو، لڳي ايئن ٿو ته انهيءَ معاملي تي به يوٽرن ورتو ويندو. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ظلم هي آهي ته سردين ۾ به بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. حڪومت پاران نه گيس آهي ۽ نه پاڻي ڏنو پيو وڃي، انهن کي عوام جو بلڪل احساس نه آهي. هن چيو ته اهڙيون پاليسيون ڏنيون وڃن جنهن سان عوام کي ريليف ملي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻڌو هو ته 6 فيبروري جو اين ايف سي واري ميٽنگ ٿيندي پر اڃان تائين سڌو سنئون نه ٻڌايو ويو آهي پر اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته جي آئي ڊي سي ٽيڪس صوبن حوالي ڪيا وڃن جڏهن ته سيلز ٽيڪس آن گڊز کي به صوبن کي ڏيڻ جو مطالبو ڪنداسين. هن چيو ته اسان ايس آر بي ٺاهيو آهي جيڪو بهتر ڪم ڪري رهيو آهي ٽيڪس اوڳاڙي وارو ڪم به اسان کي ڏنو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آئي جي ليڊرشپ عليمه خان جي جائيدادن جي تفصيل جون وضاحتون ڏئي رهي آهي ۽ چون پيا ته جرم ثابت ٿيڻ کان پهرين الزام نه لڳايا وڃن ته بهتر ٿيندو. مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آئي جي سنڌ جي تبديلي جو اختيار وفاق کي نه آهي اها تبديلي صوبن جي مشاورت سان ٿيندي آهي پر پي ٽي آئي وارن انهيءَ تي هڪ ٻيو يوٽرن وٺندا.