ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي ضمانت خلاف نيب جي اپيل رد

January 15, 2019 at 12:51 am

اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، نياڻي مريم نواز  ۽ ڪپئٽن صفدر جي سزا رد ڪرڻ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نيب جي اپيل خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر ڳالهائيندي چيو ته ضمانت رد ٿيڻ جي قائدن بابت ٻڌايو، ضمانت رد ٿيڻ جا پيرا ميٽر توهان ڄاڻو ٿا، اهي ڪهڙا پيرا ميٽر آهن جن تي ضمانت خارج ٿي سگهي ٿي.  نيب پراسيڪيوٽر چيو ته  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته شاهدين موجب سزا نه ٿي ٺهي، چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ ضمانت ڏيڻ تي پنهنجو اختيار استعمال ڪيو.  نيب جي وڪيل دليلن دوران چيو ته سزا معطلي يا ضمانت جي درخواست ۾ ڪيس جي ميرٽ تي نه وڃبو آهي.  جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي بنياد تي ضمانت رد ڪئي وڃي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو