اٽي، ٽماٽن، بصر، دال ۽ گيهه جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو رڪارڊ
December 4, 2019 at 4:08 pmاسلام آباد (بيورو رپورٽ) شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ هجڻ وارين وفاقي سرڪار جي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. ٽماٽا، بصر، دال، اٽو، گيهه ۽ کنڊ جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. شمار/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 03
يات کاتي طرفان نومبر مهيني ۾ مهانگائيءَ جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ اندر آڪٽوبر مهيني جي ڀيٽ ۾ نومبر ۾ مهانگائي 1.34 سيڪڙومهانگائي وڌي آهي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته سال 2018ع جي ڀيٽ ۾ 2019ع دوران مهانگائيءَ جي شرح 12.67 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي شروعاتي پنج مهينن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مهانگائيءَ جي شرح ۾ 10.80 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.