بلاول ڀٽو جي گرفتاري سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿي ويندو: خورشيد شاهه

December 30, 2018 at 9:21 pm

لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري خطرناڪ راند هوندي ۽ ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي گرفتاري لاءِ دل ۽ گڙدو گهرجي، بلاول ڀٽو جي گرفتاري خطرناڪ راند آهي، ان سان ملڪ افراتفري جو شڪار ٿيندو، بلاول کي گرفتار ڪرڻ ممڪن ناهي پر حڪومت ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ ممڪن ناهي، آئين ۽ قانوني ۾ ڪابه گنجائش ناهي، مارشل لا وسيلي آئين ختم ڪري گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو، آئين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ملڪ لاءِ بهتر نه هوندو.هن جو چوڻ هو ته آئين کي ڇيڙيو ويو ته پاڪستان جي سالميت کي خطرو ٿيندو، وفاق کي ڇيڙڻ خطرناڪ  راند هوندي جڏهن ته سنڌ ۾ ان هائوس تبديلي جي ضرورت ناهي، هٿ ٺوڪين ڳالهين تي ڪيس ٺاهيا ويا.پيپلز پارٽي اڳواڻ جو چوڻ هو ته نظر اچي ٿو ته جيئن سويلين مارشل لا لڳائڻ جي ڪُشش ڪئي پئي وڃي، ان قسم جي اسياست سان هڪ پارٽي کي مضبوط ۽ باقين کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، سياسي پارٽين کي ايئن ختم ۾ ڪامياب نه ٿيندا، ان راند جي اثرن جا ذميوار اهي ماڻهو هوندا، اهڙن غير قانوني قدمن سان اهي آئين ۽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيٺا هوندا.هن چيو ته عمران خان عوامي مينڊيٽ وسيلي اقتدار ۾ نه آيو، کيس آندو ويو، عمران خان کي جيئن آندو ويو سڀ ڄاڻين ٿا، عمران خان پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ هٿڪنڊن سان بيلنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ بحران ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو