بينظير انڪم سپورٽ پروگرام واري بل کي منظور نه ڪيو ويندو:رضا رباني
April 2, 2019 at 8:05 pmسکر ( ڊ ر ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته 18 هين ترميم ختم ڪرڻ جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ذوالفقار علي ڀٽو متفقه آئين ڏئي قائد اعظم جي خواب کي تعبير ڏني. قائد اعظم جي 14 نڪتن مان 4 نڪتا صوبن جي اختيارن بابت هئا. اڄ جيڪي ماڻهو 18 هين ترميم خلاف ڳالهائي رهيا آهن کانئن پڇون ٿا ته ڇا هو نهرو رپورٽ سان گڏ آهن يا قائد اعظم جي 14 نڪتن سان گڏ آهن ؟ سکر ۾ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته جيڪڏهن 18 هين ترميم نه اچي ها ته ان جا اثر وفاق لاءِ انتهائي خطرناڪ هئا. جيڪي عليحدگي پسند تحريڪون هلي رهيون اهي ختم ٿي ويون آهن. اڄ 18 هين ترميم نه هجي ها ته اهي طاقتون اڄ گهڻو اڳتي نڪري ويون هجن ها. 18 هين ترميم واپس وٺڻ جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪرندا. هن چيو ته هو هر سال اپريل تي قائد جهموريت جي ورسي جي موقعي تي ايندو آهي. هن سال ملڪ کان ٻاهر وڃڻو هو تنهنڪري اڳ ۾ آيو آهيان. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي نيو ڪليئر پاور ڏنو. والاريل ڪشمير لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪوششون ڪيون. جهموريت جو سڀ کان وڏو ڪارنامو 73ع جو آئين آهي. رضا رباني چيو ته 18 هين ترميم وفاقي کي ڪنگال نه ڪيو آهي. وفاق 1947ع ۾ ڪنگال ٿيڻ شروع ٿي ويو هو. جڏهن حڪومت صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا قرض وٺڻ شروع ڪيا تڏهن ملڪ تباهه ٿيڻ شروع ٿيو. حڪومت جڏهن کان نيشنل اڪانومڪ ڪائونسل جي اجلاس گهرائڻ ڇڏي ڏنا تڏهن کان وفاق تباهه ٿيڻ شروع ٿيو. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ميڊيا ذريعي خبر پئي ته ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن. هن چيو ته ناڻي واري وزير پارليامنٽ ۾ اچي هڪ ڀيرو به ڳالهين بابت آگاهه نه ڪيو آهي. اين ايف سي ۾ وفاق اميد ڪري رهيو آهي ته فاٽا جي ترقي جو بار صوبا کڻن. جيڪي ترقياتي ڪم ڪشمير ۾ هلي رهيا آهن انهن ۾ صوبا خرچ ڪن. آئين چوي ٿو ته نئون اين ايف سي پراڻي اين ايف سي کان گهٽ نه هوندو. وفاق چاهي ٿو ته وفاقي فنڊ پروگرام ۾ صوبا پنهنجو حصو وجهن. سي پي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به صوبا پنهنجو حصو ڏين. رضا رباني چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي جا اگهه واڌيا ويا آهن. بجلي گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. سينيٽر رضا رباني چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام واري بل کي منظور نه ڪيو ويندو.