تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پيپلز پارٽي ڪا ڊيل ڪري رهي آهي:سعيد غني
November 25, 2019 at 5:06 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ميڊيا ذريعي عجيب صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 03
ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پيپلز پارٽي ڪا ڊيل ڪري رهي آهي جيڪڏهن اسان کي حڪومت سان ڪا ڊيل ڪرڻي هجي ها ته گرفتارين سميت باقي تڪليفون ڇو برداشت ڪريون ها انصاف جا عجيب پيماني پيپلز پارٽي لاءِ ڇو اختيار ڪيا ويندا آهن حڪومتي ميمبرن جا ڪيس انهن جي مرضي سان هلايا ويندا آهن انهن جا جج انهن جي مرضي سان لڳايا ويندا آهن. حڪومت پنهنجي نااهلي ۽ نالائقي کي لڪائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي ماڻهن جا جيڪي آئيني حق آهن انهن جو خيال نٿو رکيو وڃي هڪ ڳالھ مان ڪافي عرصي کان ڪندو اچان ٿو هاڻ اها ڳالھ چيف جسٽس کوسي صاحب ڪري ڇڏي آهي هن پاڻ چيو آهي ته عدالتن جو ڪم آئيني دائري ۾ رهندي ڪم ڪرڻ آهي ٻڌايو وڃي ته اهو ڪهڙي آئين ۽ قانون ۾ لکيل آهي ته ڏوھ ڪراچي ۾ ٿئي جانچ راولپنڊي ۾ ٿي رهي هجي. سعيد غني چيو ته ڇھ مهيان ٿيڻ وارا آهن آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جيل ۾ آهن ريمانڊ ختم ٿي ويو نيب کي جيڪا جانچ ڪرڻي هئي سا ٿي وئي پوءِ به انهن کي ناحق جيل ۾ رکيو ويو آهي آصف علي زرداري حڪومت جي بڻايل ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي اسپتال ۾ آهي انهن جا اهي ڊاڪٽر جيڪي کيس سالن کان چيڪ ڪندا اچن ٿا انهن تائين رسائي ڏني وڃي