تازين برساتن ۾ 23 ڄڻا فوت، 26 سئو گهر ۽ دڪان ڊهي پٽ
March 4, 2019 at 7:49 pmاسلام آباد ( بيورو ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) جو چوڻ آهي ته تازين برساتن سبب 23 ڄڻا فوت جڏهن ته 26 سئو گهر ۽ دڪان ڊهي پٽ ٿي ويا. تفصيل موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) تازين برساتن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب برساتن سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 ٿي ويو آهي جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 68 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. اين ڊي ايم اي موجب برسات سبب سڀ کان گهڻو نقصان فاٽا ۾ ٿيو، فاٽا ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿيا، بلوچستان ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 12 زخمي ٿيا. رپورٽ موجب برساتن ۾ ڪي پي ۾ 3 ۽ آزاد ڪشمير ۾ پنج ڄڻن حياتيون وڃايون، فوت ٿيندڙ ماڻهن جو تعلق ڪوٽلي، ٽانڪ ۽ چارسدا سان آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف علائقن ۾ 26 سئو کان وڌيڪ گهر ۽ دڪان ڊهي پٽ ٿيا ويا ، متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ هيوي مشينري ڪم ۾ مصروف آهي. اين ڊي ايم اي موجب متاثرن تائين ٽينٽ، ڪمبل ۽ کاڌي پيتي جا 10 هزار پيڪٽ پهچايا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ امدادي ڪارروايون پڻ جاري آهن .