تبديلي جو اصل چهرو تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، دهشتگردن سان ڳالهين کي نٿا مڃون: بلاول ڀٽو زرداري
November 30, 2021 at 10:29 pm
پشاور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تبديلي جو اصل چهرو تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي. پشاور ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سليڪٽڊ پيپلز پارٽي کي پشاور ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني. ڪاغذي وڏي وزير جلسو روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان ايترو ظلم ڪري جيترو برداشت ڪري سگهي. اڄ عوام جو ميڙ ڏسو، سموري عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهن. پي ڊي ايم جو پشاور وارو جلسو به ناڪام رهيو. بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حڪومت اميرن کي رليف، غريبن ک تڪليف ڏيندي آهي، تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل معاهدي جو وزن عام ماڻهو مٿان وڌو ويو جنهن جي اسان گذريل 3 سالن کان مخالفت ڪري رهيا آهيون. هي ڊيل غيرقانوني آهي. سليڪٽڊ جي ناڪام معاشي پاليسين سبب هر طبقو پريشان آهي. موجوده حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام رهي آهي. هي حڪومت آءِ ايم جي غلامي ۾ مصروف آهي. نئين پاڪستان ۾ جمهوري، انساني ۽ معاشي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هر پاڪستاني کي خبر آهي ته تبديلي جو اصل چهرو تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي. پ پ چيئرمين چيو ته پرڏيهي پاڪستانين جي نالي تي گيم کيڏيو پيو وڃي. اسان صاف ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا. اي وي ايم آر ٽي ايس ٽو آهي. سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڌار اليڪٽورل ڪاليج هجڻ گهرجي. اسان چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو پارليامينٽ ۾ پنهنجو نمائندو هجڻ گهرجي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پيرس ۾ ووٽ وڌو وڃي ۽ ان جو نتيجو پشاور ۾ نڪري. بلاول چيو ته موجوده حڪومت دهشتگردن جي سامهون جهڪي چڪي آهي. هي ماڻهو ڪير ٿيندا آهن قاتلن سان ڳالهيون ڪندڙ؟ جيڪي سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. جنهن اي پي ايس جي ٻارن کي شهيد ڪيو انهن سان حڪومت ڳالهيون ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سازش ڪندڙن سازشون ڪرڻ ڏيو، ٽيپ ڪڍڻ وارا ٽيپ ڪڍندا رهن. اسان عوامي طاقت سان حڪومت ٺاهينداسين. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو چيو آهي ته عوام جي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد کي جاري رکنداسين. وقت اچي ويو آهي ته هاڻ پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت کي موقعو ڏنو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي 54هين يوم تاسيس تي پنهنجي پيغام ۾ سمورن جيالن ۽ قوم کي يوم تاسيس جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊگهي جدوجهد ۽ گهڻين قربانين کان پوءِ هاڻ پاڪستان ۾ جمهوريت جي ترجمان پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. پارٽي جو منشور ۽ لائحه عمل ئي هاڻ 22 ڪروڙ پاڪستانين جي ملڪ کي هڪ جمهوري ۽ فلاحي رياست ٺاهڻ جو هڪ ئي رستو آهي.