تحريڪ انصاف نريندر مودي جي رستي تي هلي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
March 15, 2019 at 6:46 amڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف پابندي مڙهيل تنظيمن سان گڏجي چونڊون وڙهيون ۽ اسان پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڳالهايون ته اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي.بينظير پارڪ ڪلفٽن ۾ وڻڪاري مهم جي افتتاح جي موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت ۾ جڏهن اپوزيشن ملڪي مفاد جي باري ۾ ڳالهائيندي مودي کان جواب طلب ڪري ته ڀارتي وزيراعظم کين ملڪ دشمن قرار ڏيندو آهي، اهڙو ئي اسان پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن بابت حڪومت کان جواب گهرون ٿا ته اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي ٻاراڻن بيانن جو سلسلو بند ڪري سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهو ملڪ لاءِ اهم وقت آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي ماحولياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرئين ڏينهن کان ڪوششون ڪري رهي آهي، بينظير ڀٽو به پنهنجي حڪومتي دور ۾ وڻڪاري تي ڪم ڪيو هو جڏهن ته آصف علي زرداري هڪ ون مين، ون ٽري جو تصور پيش ڪيو هو. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت طرفان وڻڪاري شروع ڪرڻ سٺو قدم آهي ۽ اهو سلسلو اڳتي وڌائيندي لياري ۽ ملير تائين وڌائينداسين