تعليم جي نظام ۾ بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو:سعيد غني
October 28, 2019 at 6:17 pmڪراچي(اسٽاف رپورتر) سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان کي تعليم جي نظام ۾ بهتري لاءِ گڏجي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو سرڪار اڪيلي ڪجهه نٿي ڪري سگهي. حڪومت يا ڪو به ادارو ان وقت تائين بهتر ڪم نه ڪري سگهندو جيستائين مقامي ماڻهو ۽ ادارا حڪومت جو ساٿ نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن (پي اي ايف) جي ڪراچي انسٽيٽيوت آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنالوجي (KIET ) جي پاران فيئر 2019 جو معائنو ڪندي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ۽ شاگردن سان خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني کان علاو شهر جي ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي،سعيد غني چيو ته پاڪستان جي معيشيت ۾ ڪراچي جو رول هميشه اهم رهيو آهي سموري دنيا ۾ مثالون ڏنيون وينديون هيون ته ڪراچي جي تعليم سڀني کان سٺي هئي ۽ هتي ملڪ سميت سموري دنيا جا ماڻهو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ايندا هئا پر افسوس شاگرد ڪراچي ڇڏي ڪنهن ٻي هند ويندا آهن ان لاءِ اسان کي پنهنجو تعليمي نظام بهتر بڻائڻو هوندو ۽ پنهنجي تعليمي ادارن تي توجو ڏيڻي پوندي مان شاگردن کي مشورو ڏيندس ته هو تعليم کي صرف روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر ڪردار کي به بهتر بڻائڻ تي به توجو ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جيترا لنڊن ۾ ٿيندا آهن ان جي لڳ ڀڳ ڪراچي ۾ ٿيندا آهن پر اتان کان رپورٽ ناهي ايندي ۽ هتي ميڊيا هر شئي رپورٽ ڪندو آهي ان لاءِ اسان پنهنجيون برايون ختم ڪرڻ سان گڏ انهن کي لڪايون اڄ کان 5 سال پهريون پاڪستان ڪرائيم ۾ 4 نمبر تي هيو ۽ اڄ 70 ه نمبر تي آهي بهتري جي ان سفر کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان کي تعليم صرف روزگار نه پر ان تعيلم کي معاشري جي بهتري لاءِ به استعمال ڪرڻو پوندو. ٻئي پاسي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چشمو ڳوٺ، ريڙهي ڳوٺ،لٺ بستي پهتو ۽ سامونڊي هائي ٽائيڊ جي ڪارڻ ڳوٺن ۾ سامونڊي پاڻي داخل ٿيڻ کانپوءِ صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو رڪن آغا رفيع الله، صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ، ضلعي ڪونسل جو چيئرمين سلمان عبدالله مراد، ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ٻيا به ان سان گڏ موجود هئا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسان متاثرن کي عارضي طور ڪيمپن ۾ موڪلڻ چاهيون ٿا پر متاثر ماڻهو پنهنجو علائقو ۽ گهر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن علائقي جا معزز ۽ اتان جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي به متاثرن کي رضا مند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اهي ڪجهه ڏينهن لاءِ عارضي ڪيمپن ۾ شفٽ ٿي وڃن ته جيئن ڪنهن هنگامي حالت ۾ جاني نقصان کان بچايو وڃي. هن چيو ته صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ بورڊ سميت سمورا ادارا هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهن ۽ سمورن متاثرن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. سعيد غني چيو ته قدرتي آفت الله جي طرفان ايندي آهي ۽ انسانن لاءِ آزمائش جي گهڙي هوندي آهي ۽ سرڪار جي اها ذميواري هوندي آهي ته قدرتي آفت سان ٿيڻ واري نقصان کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري. ��������������������������������������������������������±�����������t