جاچ کان سواءِ پاڪستان تي الزام تراشي ڀارت جو پراڻو طريقو آهي:ڊاڪٽر محمد فيصل
February 17, 2019 at 8:19 pmاسلام آباد(بيورو) پاڪستان والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڀارتي فورسز تي حملي بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جو بيان رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ آهي ته پلواما حملي جي فوري بعد پاڪستان تي الزام لڳايا ويا، جاچ کان سواءِ پاڪستان تي الزام تراشي ڀارت جو پراڻو طريقو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ويڊيو ڀارتي دعويٰ جي تصديق ڪري ٿي ته پوءِ ڀارت کي ڪلڀوشن جو بيان به قبول ڪرڻو پوندو، ڪلڀوشن جو بيان ته رضاڪاراڻي طور تي ريڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو ڀارت جو حاضر سروس آفيسر آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت کي پنهنجي انٽيليجنس جي ناڪامي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ڀارت سان معمول جي لاڳاپن جي بحالي چاهي ٿو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان چيو هو ته ڀارت امن ڏانهن هڪ قدم هلندو ته اسان 2 قدم هلڻ لاءِ تيار آهيون، داخلي سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي مسئلن جو استعمال خطي جي امن جي مفاد ۾ ناهي. ڊاڪٽر محمد فيصل وڌيڪ چيو ته ڪشميري نوجوانن کي رياستي تشدد سان دٻائڻ بدران ڀارت کي مان نه مڃان واري رٽ کان ٻاهر اچڻ گهرجي.