جتي ڪرپشن نظر آئي اتي سخت قدم کنيا ويندا: چيف جسٽس
January 9, 2019 at 7:28 pmاسلام آباد( بيورو ) چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جتي ڪرپشن نظر آئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ ۾ خانگي بجلي گهرن انڊي پينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) کي اضافي ادائيگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته سيڪريٽري توانائي ڊويزن عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ملڪ ۾ 10 آءِ پي پيز کي 159 ملين (15 ڪروڙ 90 لک رپيا) في ڪيس واڌو ڏنا ويا، شڪايت اها آهي ته بجلي پيدا ئي نه ٿي پر ادائيگيون ڪيون ويون. سيڪريٽري پاور ڊويزن جواب ڏنو ته حڪومت آءِ پي پيز سان معاهدو ڪري رکيو آهي ۽ ڪپيسٽي مطابق ادائيگي ڪندا آهيون،بجلي نه وٺون پوءِ به ادائيگي ڪئي ويندي آهي. چيف جسٽس چيو ته عوام جو پئسو مفت ۾ ڇو ڏنو ويو؟ رڳو پاڪستان ۾ اهڙا معاهدا ٿي رهيا آهن، اربين رپيا بناڪنهن سبب ڇو ادا ڪيا پيا وڃن؟ جتي ڪرپشن نظر آئي اتي سخت قدم کنيا ويندا. جسٽس فيصل عرب چيو ته بجلي جي شارٽ فال باوجود آءِ پي پيز کان بجلي ڇو ناهي ورتي ويندي؟سپريم ڪورٽ وفاقي وزير پاور ڊويزن کي طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدو ڳچيءَ جو ڦاهو بڻجي ويو آهي، معاهدي جون اهڙيون شرطون خبر ناهي ڇو قبول ڪيون ويون.