جسٽس مظاهر ۽ پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ وارو مامرو، وڌيڪ نوان انڪشاف سامهون اچي ويا
February 24, 2023 at 11:49 pm
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي جي خانداني ذريعن موجب جسٽس مظاهر نقوي مٿان آڊيو ليڪ ۽ ملڪيت جي حوالي سان مڙهيل سمورا الزام ڪوڙا آهن جڏهن ته سندس گهرڀاتين تي لڳايل سمورا الزام به غلط آهن.
خانداني ذريعن موجب جسٽس مظاهر پاڻ مٿان مڙهيل الزامن تي چيف جسٽس آڏو پيشي لاءِ تيار آهي، چيف جسٽس جڏهن چاهي معاملي جي انڪوائري ڪرائي سگهي ٿو.
جسٽس مظاهر جي خانداني ذريعن تصديق ڪئي آهي ته چوڌري پرويز الاهي سان هڪ ڀيرو ملاقات ٿي هئي، پنجاب جو وڏو وزير معذرت لاءِ گذريل سال سپٽمبر ۾ لاهور واري گهر آيو هو.
خانداني ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته چوڌري پرويز الاهي سان جسٽس مظاهر جو ڪنهن به قسم جو واسطو نه آهي، جَجَ جي پرويز الاهي يا مونس الاهي سان ڪڏهن به فون تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي، محمد خان ڀٽي فون تي رابطو ڪرايو هو جنهن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.
خانداني ذريعن موجب جسٽس مظاهر نقوي برطانيا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نياڻي کي ذاتي اڪائونٽ مان ٻاويهه هزار پائونڊز موڪليا هئا، اِها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي اجازت سان منتقل ڪئي وئي هئي، لاهور ۾ 4 ڪنال جو گهر ٻه وڏا گهر کپائي تعمير ڪيو پيو وڃي.
خانداني ذريعن موجب جسٽس مظاهر نقوي جو ڪو به پلازا نه آهي، جسٽس مظاهر جي گهرن جي وڪري جا ڪاغذ ايف بي آر وٽ آهن، انهن سمورن پلاٽن جو رڪارڊ به ايف بي آر وٽ آهي.
واضح رهي ته ملڪ جي بار ڪائونسلز ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ واري معاملي تي سُپريم ڪورٽ جي جَجَ خلاف ايندڙ هفتي سُپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
انکانسواءِ جسٽس مظاهر نقوي خلاف ملڪيتن بابت سُپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.