جسٽس گلزار احمد سُپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر
December 4, 2019 at 4:09 pmاسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار جسٽس گلزار احمد کي سُپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي رٽائرم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 24
ينٽ کانپوءِ جسٽس گلزار احمد کي نئون چيف جسٽس بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب صدر آئين جي آرٽيڪل 175 اي ۽ 177 تحت جسٽس گلزار احمد کين نئون چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سينيئر جج جسٽس گلزار احمد 21 ڊسمبر 2019ع کان سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور ذميواريون سنڀاليندو.