جعلي اڪائونٽس معاملو: خوف ۽ دٻاءَ بنا ڪيس ٺاهينداسين: نيب چيئرمين
January 23, 2019 at 7:17 pmلاهور (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي جعلي اڪائونٽن واري ڪيس جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيب لاهور آفيس جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي نيب شهزاد سليم کيس ميگا ڪرپشن ڪيسن تي بريفنگ ڏني. جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب لاهور جي جاچ آفيسرن ۽ پراسيڪيوٽرن کي خطاب ڪندي چيو ته جعلي اڪائونٽس ڪيس جي نيب منتقلي معزز عدالت جو نيب تي اعتماد آهي، خوف ۽ دٻاءَ بنا ميرٽ تي ڪيس ٺاهينداسين، نيب آئين ۽ قانون موجب فرض انجام ڏئي رهيو آهي، آفيسرن ٺوس شاهدين جي بنياد تي جاچ کي انجام تائين پهچائن. سندس چوڻ هو ته نيب جو ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو ناهي، نيب جو لاڳاپو رڳو پاڪستان سان آهي، اسان جو مقصد لٽيل قومي ناڻو موٽائڻ آهي، بدعنوان عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻو آهي.