جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙ سوچ سان جهيڙو آهي: آصف زرداري
November 30, 2018 at 7:53 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙ سوچ سان ويڙهه ڪري رهيا آهن. پ پ جي 51 هين سالگره تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته 1973ع جي آئين کي بحال ڪري شهيد بينظير جي مشن کي مڪمل ڪيو، شهيد ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو فلسفو مشعل راهه آهي، پ پ پنهنجي نظريي تي ثابت قدم آهي. هن چيو ته هر قسم جي شدت پسندي جي مزاحمت ڪنداسين، استحصالي طاقتن جي شڪست تائين جدوجهد جاري رکي ويندي، پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ صوبن کي خودمختياري ڏني.